16 جمعہ , نومبر 2018

پاڪستان عوامي تحريڪ طرفان عام چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه علامه طاهر القادري عام چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علامه طاهر القادري چيو ته چونڊ نظام کي صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 62، 63 بابت شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. طاهر القادري چيو ته جمهوريت جي نالي تي جيڪو ڏوهه ٿي رهيو آهي تنهن جو حصو نه ٿينداسين، اسان سياسي نظام کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جي جنگ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪجهه سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن ٻٽو معيار اختيار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته هو هڪ سياسي پارٽي طور چونڊن ۾ حصو نه وٺي رهيا آهن، مان بائيڪاٽ جو لفظ استعمال نه ٿو ڪرڻ چاهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جو سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ملڪي قيادت سنڀالڻ جي لڳ ڀڳ اڍائي مهينن بعد سڄي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے