21 بدھ , نومبر 2018

پ پ ڪراچي مان حيران ڪندڙ نتيجا ڏيندي، ملير مان ڪلين سوئيپ ڪنداسين: سعيد غني

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري حاجي چن زيب ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، سعيد غني جو چوڻ آهي ته پ پ ملير ضلعي مان ڪلين سوئيپ ڪندي.  مسلم ليگ ن سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مرڪزي ڪائونسل جي ميمبر حاجي چن زيب ۽ ساٿين پ پ اڳواڻ سعيد غني سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته ن ليگ جا اهم اڳواڻ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها پهرين قسط آهي، شموليت جي هڪ وڌيڪ پريس ڪانفرنس جلد ٿيندي. سندس چوڻ هو ته هن ڀيري اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ٺپن جي سياست نه هلندي، جن ماڻهن کي ٽڪيٽ نه ملندي آهي اهي ٻين هنڌن جو سهارو وٺندا آهن، اطلاع آهن ته وفاداري تبديل ڪرڻ لاءِ اسان جي ماڻهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هر شخص کي پنهنجي مرضي سان ووٽ وجهڻ جي اجازت هئڻ گهرجي. سعيد غني دعويٰ ڪئي ته عام چونڊن ۾ پ پ ڪراچي مان حيران ڪندڙ نتيجا ڏيندي ۽ ملير مان پارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب بينڪن کان شهباز شريف جي اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے