13 منگل , نومبر 2018

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي آءِ ۽ نه وري ن ليگ ڏانهن ڏسندو آهيان، جلد واضح ڪندس ته آزاد ڇو بيٺس. راولپنڊي جي علائقي ڌميال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ڪهڙي ڳالهه تي اختلاف آهي، ان حوالي سان جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس. هن چيو ته مان حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڊيل ناهي ڪئي، ڪير ٽڪيٽ سان گڏ اچي يا ان کانسواءِ، عوام کيس رد ڪري موڪليندو، منهنجو مقابلو انهن ماڻهن سان آهي، جيڪي مشرف جا ساٿي رهيا. چوڌري نثار چيو ته منهنجي هن تڪ جو مقابلو نواز شريف، شهباز شريف، آصف زرداري ۽ عمران خان جي تڪن سان ڪيو، جيڪڏهن منهنجو تڪ پوئتي هجي ته مون کي ووٽ نه ڏجو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے