19 پیر , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ 85 هزار 307 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ 85 هزار 307 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري ڇڏيون آهن، گذريل عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ 15 هزار وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب ۾ 47 هزار 813 پولنگ اسٽيشنون، سنڌ ۾ 17 هزار 747، خيبر پختونخواهه ۾ 12 هزار 634، جڏهن ته بلوچستان ۾ 4420 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. فاٽا، ايف آر ۾ 1986 پولنگ اسٽيشنون، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 797 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ 23 هزار 424 مردن جون پولنگ اسٽيشنون، جڏهن ته عورتن لاءِ 21 هزار 707 الڳ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، ان سان گڏوگڏ 40 هزار 133 مردن ۽ عورتن لاءِ گڏيل پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن موجب هر هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے