22 پیر , اپریل 2019

چونڊ ضابطن تي عمل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو : نگران وڏو وزير

CaretackerCmSindh,  ECPڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪندي

مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، هن ڪجهه اميدوارن پاران ضابطه اخلاق تي عمل نه ڪرڻ کي پريشانيءَ جو سبب قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته چونڊ سرگرمين دوران سمورين سياسي پارٽين جا اميدوار هڪ باشعور فرد هئڻ جو ثبوت ڏين،هن اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا سان ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي نگران وڏي وزير چيو ته چونڊن دوران حالتن تي قابو ۽ امن امان بحال رکڻ لاءِ صوبائي حڪومت ڀرپور اپاءَ ورتا آهن  ۽ اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عملدرآمد کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو،  هن چيو ته نگران حڪومت عام چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڀرپور اپاءَ ورتا آهن

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۾ به تبديلين جو فيصلو،اسد عمر تي ماڻهن کي اعتراض هو: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جي ساراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے