21 اتوار , اکتوبر 2018

عمران خان کي غلط فهمي آهي ته هو سازشو ڪري وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو: بلاول

Imran Khan is misunderstanding that he can make the prime minister a conspiracy: Bilawalلاله موسيٰ (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اها عمران خان جي غلط فهمي  آهي جو هو سازشون ڪري وزيراعظم بڻجي ويندو، جيڪڏهن هو ايترو ئي مقبول هجي ها ته کيس ايتريون سهولتون ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.لاله موسيٰ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽوزرداري عمران خان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته گارگند ۽ نفرت واري سياست ڪري شايد ڊگهي مدت تائين فائدو حاصل ڪري وٺي ۽ اها لاڏلي جي پراڻي عادت آهي پر ان عمل سان قوم کي ڊگهي مدت تائين نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري  چيو ته ڪٽ پتلي اتحاد ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، خان صاحب غلط فهمي جو شڪار آهي ته سازشون ڪري هو وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو ايترو ئي مقبول آهي ۽ عوام ان سان گڏ آهي ته پوءِ کيس ايتريون سهولتون ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ هجي يا جي ڊي اي اهي  آزاداڻي چونڊن ۾ مقابلو  نٿا ڪري سگهن، جيڪي به سازشون ٿي رهيو آهن هڪ ڏينهن انهن جا ثبوت سامهون آڻينداسين.  پ پ پ چيئرمين چيو آهي ته جيالا وڙهڻ لاءِ پُرجوش آهن، هو پهريان به مشڪل وقت جو مقابلو ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. بلاول چيو ته عوام دوست پاليسين کي ملڪي سياست تي ترجيح ڏيندس، پهريان به چيو آهي ته پابندي مڙهيل نتظيم کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي، انهن تي هر هر اعتراض ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن وٽ به شڪايت نوٽ ڪرائي، پابندي مڙهيل تنظيمن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي مذمت ڪيان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے