17 جمعرات , جنوری 2019

ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، ڪراچي جا مسئلا حل ڪنداسين: عمران اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر لاءِ نامزد تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران اسماعيل چيو آهي ته ليڊر آف اپوزيشن پي ٽي آءِ جو ئي هوندو پر نالي جو اعلان صلاح مشوري کان پوءِ ٿيندو، گورنر هائوس کي تعليمي ادارو بڻائينداسين. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته ڪرپشن جي خاتمي کانسواءِ ملڪ جي ترقي ممڪن ناهي، ڪراچي گذريل 10 سالن دوران گهڻو پوئتي هليو ويو آهي، تحريڪ انصاف شهر جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ترقياتي منصوبن ۾ پ پ به ساٿ ڏئي. هن چيو ته گورنر هائوس کي تعليمي ادارو بڻائينداسين، رڳو آفيس جو استعمال ڪيو ويندو، مان اتي رهائش اختيار نه ڪندس. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي هر منصوبي جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي ويندي، صحافي برادري کي اپيل آهي ته اهي به منصوبن تي نظر رکن ۽ ڪنهن به قسم جي بدعنواني جي نشاندهي ڪن. عمران اسماعيل چيو ته ڪرپشن جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح آهي، عمران خان جي نظريي موجب شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو آهي، شهر جا مسئلا حل ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله قتل ڪيس: جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد 10جوابدارن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے