19 پیر , نومبر 2018

رڳو ادارن کي مضبوط ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو: فهميده مرزا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ فهميده مرزا جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ملڪ کي کائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزير اعظم جي چونڊ بعد پارليامينٽ ۾ تقرير ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ هر برائي پٺيان ڪرپشن آهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن گهڻي اهميت تي ٻڌل آهي، عمران خان کي وزير اعظم چونڊجڻ تي مبارڪ ڏيون ٿا، اڄوڪو ڏينهن رڳو وزير اعظم کي مبارڪ ڏيڻ جو هئڻ گهرجي. فهميده مرزا چيو ته پنجون ڀيرو قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي آهيان، اسان جا چار ووٽ آهن، حڪومت بڻائي به سگهون ٿا ۽ ڪيرائي به سگهون ٿا، ايوان کي اصول ۽ ضابن تي هلائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ کي ڊيبيٽنگ ڪلب نه بڻائڻ گهرجي، ملڪ کي پرڏيهي پاليسي دهشتگردي جهڙن چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan chase 176 as victory looms

ابو ظهبي ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾، قومي ٽيم جي پوزيشن مضبوط

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز)ابوظهبي ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي جتي قومي ٽيم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے