18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو آدم: بادشاهه مرحوم خادم راجا جي ياد ۾ ناٽڪ پيش ڪيو ويو

Tando Adam: The memorial ceremony of the late Khalid Raja Raja was presentedٽنڊي آدم ۾ اسٽيج جي بادشاهه مرحوم خادم راجا جي ياد ۾ ”خادم راجا ايوارڊ“ ۽ سنڌي اصلاحي اسٽيج ناٽڪ ”زندگي هڪ سوال“ پيش ڪري کيس ڀيٽا ڏني وئي.

آرٽ اينڊ ويلفيئر طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ ٽي وي، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ناليوارن فنڪارن ايس ڀٽي، عباس گل ۽ رفيق عيساڻي سميت ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

تقريب ۾ايس ڀٽي، ذاڪر بلوچ، امداد راهي ۽ وفا رضا سميت ٻين کي يادگار شيلڊ ڏنا ويا.

عمير قادر جوڻيجو  ۽ ٻين چيو ته مرحوم خادم حسين راجا اسٽيج جو بادشاهه هو، جنهن هر ڪردار کي اهڙي ريت نڀايو جو لڳندو هو ته اهو ڪردار ٺهيو ئي ان لاءِ آهي.

 هنن چيو ته مرحوم راجا جون سنڌي فن لاءِ وڏيون قربانيون آهن ۽ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيج اهڙن ڪردارن کي ياد ڪري رهيو آهي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے