18 جمعرات , اکتوبر 2018

اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر سڌو پيار ۽ مجبتون کڻي وطن روانو

اسلام آباد (بيورو) ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر نوجت سنگهه سڌو چيو آهي ته کيس پاڪستان جي دوري دوران نه وسرندڙ پيار ۽ عزت ملي آهي. هو اسلام آباد کان لاهور روانو ٿيڻ کان اڳ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد سان ڳالهائي رهيو هو. نوجت سنگهه سڌو چيو ته هو امن، محبت ۽ هم آهنگي جي سٺن قدمن جي بنياد رکڻ کانپوءِ پاڪستان مان وڃي رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جيڪي بنياد هن رکيا آهن ان تي ڪير امن جي عمارت تعمير ڪندو. هن چيو ته انڊين پرييمئر ليگ ۽ پاڪستان سپر ليگ جي فاتح ٽيمن جي وچ ۾ مئچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جي لاءِ ڪرڪيٽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، فيصل واوڊا ڪراچي ۽ سنڌ لفظ واپس ورتا

مٺي: گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير شاهي پروٽوڪول سان ڏڪاريل ڏيھه ٿر پهچي ويا،پوليس اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے