21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ڊکڻ : هٿياربندن جي ايمبولينس تي فائرنگ، چار ڄڻا قتل، 2 عورتون زخمي

ڊکڻ ويجهو هٿياربندن ايمبولينس تي فائرنگ ڪري چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻه عورتون سخت زخمي ٿي پيون.

شڪارپور _ لاڙڪاڻُو قومي شاهراهه تي بگڙا جوڻيجا لاڙي وٽ ڪار سوار هٿياربندن ايمبولينس کي روڪي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا حبيب الله، بادل، ڪيوڙو ۽ رحيم بخش ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ ٻه عورتون سخت زخمي ٿي پيون.

واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته لاڙڪاڻي طرف ويندڙ ايمبولينس تي ڪار سوار هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي آهي، مارجي ويلن جو تعلق جيڪب آباد سان ٻڌايو پيو وڃي. جن جو تعلق جکراڻي برادري سان آهي.

ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش مديجي اسپتال ۽ زخمين کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو.

واقعي جو سبب جيڪب آباد جي جکراڻي برادري ۾ پسند جي پرڻي تان شروع ٿيل تڪرار ٻڌايو پيو وڃي.

جکراڻي برادري جا ماڻهون جهيڙي ۾زخمي ٿيل نوجوان کي جيڪب آباد کان لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن ايمبولينس تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے