23 منگل , اکتوبر 2018

ليمون ۽ ان جا فائدا:محمد عثمان جوڻيجو

ليمون ۽ ان جا فائدا

ليمون هڪ وڏي نعمت آهي، آگسٽ کان شروع ٿيندي آهي. جنهن کي لاطيني زبان ۾ ليمونيم،  انگريزي ۾ ليمن،  اردوءَ ۾ ليمون، ۽ سنڌيءَ ۾ ليمو ڪري سڏين ٿا. ليمو زماني قديم کان گهرن ۾ آچار ۽ ٻين نمونن سان استعمال ٿيندو رهيو آهي. سنڌن جي سور، سوڄ، متعدي بيمارين ۽ ٻين بخارن ۾ اڳوڻي زماني کان استعمال ٿيندڙ آهي.

(1) هيءَ وٽامن سي جي ڪميءَ کي پورو ڪندو آهي.

(2) ٿولھه ۽ گهڻي چرٻيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ صبح نيراني هڪ ڪوپ سلماني چانھن ۾ اڌ ليمو نپوڙي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

(3) ڪنهن به سواريءَ ۾ چهڙهڻ مهل مٿي کي ڦيري اچي ته ليمي جي ٻج جي مٿين کل لاهي چار يا پنج داڻا پاڻي سان کارائي سگهجن ٿا.

(4) نزلو، زڪام ۽ کنگھه جي بيماري لاءِ ليمو ٻه اڌ ڪري مٿان لوڻ ٻرڪي تئي تي گرم ڪري سڄي گلاس پاڻيءَ ۾ نپوڙي پي ڇڏجي.

(5) وات مان بدبوءِ وڃائڻ لاءِ عرق گلاب ٻه حصا ليمي جو رس هڪ حصو گڏائي ڪجھه وقت گرڙيون ڪجن

(6) معدي جي بيمارين گيس، سارو بدهضي، ۽ بک نه لڳڻ لاءِ ليمان جن مان رس ڪڍي  وئي هجي، گڏ ڪري سڪائي ڪٽي ان جي هم وزن لوڻ ملائي ماني کانپوءِ  استعمال ڪجي.

(7) ڏند جي سور، ڏاٺ، مٿي جو سور، الٽيون، ۽ ننڍن ٻارن کي پيٽ جي سور لاءِ، ليمي جو جوهر، ڦودني جو جوهر، جاڻ جو جوهر، هڪ شيشءِ ۾ وجهي اس تي رکي ڇڏجي ته پاڻي ٿي ويندو، پوءِ هڪ قطرو ٿوري کنڊ ۾ گڏي کارائجي.

(8) صفراوي، يرقان بيماري لاءِ ليمي جو رس 200 گرام، پاڻي 400 گرام، کنڊ 400 گرام گڏي باهه تي پچائي شربت تيار ڪجي. صبح شام هڪ چمچو اڌ گلاس پاڻي ۾ ملائي پيارجي.

(9) بواسير خوني ۾ رسول هڪ پاءُ ۽ ليمي جو رس اڌ سير رات جو پسائي رکجي صبح جو ڇاڻي باه تي گرم ڪجي، جڏهن گهاٽو ٿي وڃي ته ڄاڱر ٻير جيڏيون گوريون پاڻي سان استعمال ڪجن.

(10) دستن لاءِ سنڍ، ننڍا ڦوٽا 2، هڪ پاءُ پاڻي ۾ ڪاڙهي کنڊ ملائي ۽ ان ۾ ٻه چمچا ليمي جو رس ملائي ٿورو ٿورو پيارجي.

(11) اوڳراين لاءِ جاڻ 5 تولا، ليمي جو رس 5 تولا، گڏائي اس تي رکجي، جڏهن سڪي وڃي ته ڪٽي ڦڪي ٺاهي رکجي، پوءِ ماني کائڻ بعد اڌ گلاس پاڻي سان استعمال ڪجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے