23 منگل , اکتوبر 2018

ملائيشيا ۾ اڳوڻو وزيراعظم نجيب رزاق گرفتار

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته مٿس بدعنواني جي هڪ ڪيس ۾ ملوث هجڻ تي باقاعدي طور فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. ان ڪيس جو واسطو 628 ملين ڊالرن جي رياستي سيڙپڪاري سان آهي، جيڪا رقم نجيب رزاق جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پهچي وئي هئي. چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ نجيب رزاق ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، هو طاقت جي ناجائز استعمال سميت رقم ۾ خرد برد جي 7 مختلف ڪيسن ۾ گهيريل آهي. ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے