24 بدھ , اکتوبر 2018

سعودي عرب کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ – چين اقتصادي راهداري منصوبي (سي پيڪ) ۾ سعودي عرب کي شموليت جي دعوت ڏني وئي آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته هن پريس ڪانفرنس جو مقصد عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ آهي، پاڪستان سي پيڪ ۾ شموليت لاءِ سعودي عرب کي دعوت ڏني آهي ۽ رياض حڪومت ان منصوبي ۾ پاڪستان جي ٽين پارٽنر هوندي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هفتي سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ اهم معاملا ٿيندا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ۾ مڪمل هم آهنگي آهي، ٻئي ملڪ هڪٻئي سان گڏ آهن. هن چيو ته سعودي فرمانروا جي تجويز تي اعليٰ سطحي مشاورتي ڪميٽي قائم ڪئي وئي، پاڪستان جا دبئي سان به ويجها لاڳاپا آهن ۽ ايندڙ مهيني اماراتي وفد به اسلام آباد پهچندو، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم معاهدا ڪيا ويندا. فواد چوڌري ٻڌايو ته يو اي  اِي ڪراچي ۾ پاڻي منصوبي لاءِ دلچپسي ظاهر ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان ٻئي ملڪ تمام جلد ڳالهه ٻولهه شروع ڪندا. نواز شريف جي آزادي بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڳوڻو وزيراعظم اندر ٻاهر ٿيندو رهندو، نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت ٿي آهي پر انهن تي ڪيس ختم ناهي ٿيو، انهن سان اسان جو ذاتي جهيڙو ناهي پر ملڪ جي لُٽيل ناڻي جي ويڙهه آهي ۽ اهو پئسو عوام جو آهي، جيڪو موٽايو ويندو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن فيصلو انهن جي حق ۾ اچي ته چوندا آهن عدالتون صحيح ڪم ڪري رهيون آهن پر خلاف اچي ته چوندا آهن ته عدالتون درست ڪم نه پيون ڪن، کين فيصلو ڪرڻو پوندو ته عدالتون ٺيڪ آهن يا نه. فواد چوڌري واضح ڪيو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته اسحاق ڊار، حسين ۽ حسن نواز کي به ٻاهر رهڻ جي اجازت نه ملندي. هن چيو ته حڪومت کي تمام جلد سوئٽزرلينڊ ۾ موجود پاڪستان جي بئنڪ اڪائونٽن تائين پهچ ملي ويندي، خبر پئجي ويندي ته اتي پاڪستانين جا ڪيترا پئسا آهن. فواد چوڌري چيو ته ڀارت سان معاشي لاڳاپا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، جيڪڏهن ڀارت سان واپار ڪيو وڃي ۽ پاڪستان ذريعي افغان واپار جو رستو کوليو وڃي ته ان جو سڌو سنئون اثر سي پيڪ تي پوندو ۽ اهو هڪ اهڙو منصوبو آهي، جنهن سان پاڪستانين جي قسمت تبديل ٿي ويندي. سندس موجب افغانستان جو حل عسڪري نه پر سياسي نوعيت جو آهي ۽ ان معاملي تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، پاڪستان مستحڪم افغانستان جو خواهشمند آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فرانس ۾ برقعي تي پابندي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي: گڏيل قومون

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي چيو آهي ته فرانس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے