23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو ويو.

فليگ مارچ ۾ ايس ايس پي بشير احمد بروھي، ڊي سي فريد الدين ۽ ايس پي هيڊڪوارٽرز سهائي عزيز ٽالپر سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ايس ايس پي بشير احمد بروھي چيو ته فليگ مارچ ڪرڻ جو بنيادي مقصد عوام جي تحفظ جو احساس ڏيڻ آھي، پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر گهڙي تيار رهندي.

هنن چيو ته محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ واڌو نفري مقرر ڪري ايندڙ ويندڙ رستن تي جهڙتي ورتي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے