20 ہفتہ , اکتوبر 2018

امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ امن لاءِ پاڪستاني ڪوششن تي سدائين ٺَٺول ڪئي، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي سراج الحق چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، هندن جي ٻين رياستن کي ڪشمير ۾ آباد ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ويٺو آهي ۽ وادي ۾ هندو آبادي کي وڌيڪ ڏيکاري آزادي جي تحريڪ ختم ڪرڻ چاهي ٿو. سراج الحق چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪراري علائقو آهي، ان جو حل قراردادن تحت ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے