24 بدھ , اکتوبر 2018

چونڊ ڌانڌلي: ن ليگ پارليماني ڪميشن جي لاءِ ميمبر نامزد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن مبينا ڌانڌلي جي جاچ جي غرض سان پارليماني ڪميشن جي لاءِ پنهنجا ميمبر نامزد ڪري ڇڏيا. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ ليگي پارليماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن جي شروعات ۾ ڪلثوم نواز جي ايصال ثواب لاءِ فاتح خواني ڪئي وئي. اجلاس جي شروعات ۾ شهباز شريف پارليماني ميمبرن کي ٻڌايو ته ن ليگ جو تاحيات سربراهه نواز شريف بيگم ڪلثوم نواز جي چاليهي ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو. شهباز شريف  پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ مبينا چونڊ ڌانڌلي جي جاچ جي غرض سان پارليماني ڪميشن جي لاءِ ميمبر نامزد ڪري ڇڏيا.  مسلم ليگ ن طرفان احسن اقبال، مرتضيٰ جاويد عباسي، راڻا ثناءُ الله ۽ راڻا  تنوير حسين کي نامزد ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت جي مني بجيٽ کي رد ڪندي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے