23 منگل , اکتوبر 2018

2014ع ڌرڻو: لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ طاهر القادري جي خلاف فل بينچ قائم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ 2014 جي ڌرڻي تي وزير اعظم عمران خان ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي ڇڏي. 2014ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ موجوده وزير اعظم عمران خان ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي خلاف درخواستون درخواستگذار اي ڪي ڊوگر سميت ٻين داخل ڪيون هيون. درخواستن ۾ عوامي تحريڪ، جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين کي ڌر بڻايو ويو آهي جڏهن ته درخواست گذار جو موقف آهي ته عدالتي حڪم جي باوجود عمران خان ۽ طاهر القادري لاهور کان اسلام آباد ڏانهن ڌرڻو هنيو. درخواستگذار موجب ٻنهي اڳواڻن طويل ڌرڻي هڻي عدالت جي توهين ڪئي ان ڪري عدالت عمران خان ۽ طاهر القادري جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري. بينچ جي ميمبر جسٽس ڪاظم رشا شمسي جي ريٽائرڊ ٿيڻ جي ڪري فل بينچ ٽٽي پئي هئي پر هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور هاءِ ڪورٽ فل بينچ جوڙي ڇڏي آهي. جسٽس انوارالحق جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواستتن تي ٻڌڻي ڪندي جڏهن ته بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس فيصل زمان خان ۽ جسٽس عاطر محمود شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے