20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نااهلي ڪيس: جهانگير ترين ۽ حنيف عباسي جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ 27 سيپٽمبر تي منجهند هڪ وڳي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس فيصل عرب شامل آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ طرفان جهانگير ترين کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ تاحيات نااهلي جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست ڪئي هئي. ان سان گڏوگڏ عمران خان نااهلي ڪيس فيصلي خلاف نظرثاني درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي ۽ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ساڳي ڏينهن ٻڌڻي ڪندي. ان ڏس ۾ ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي وڪيل کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف حنيف عباسي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

COAS, Qatari foreign minister discuss regional security

آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوا  سان قطري  نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوا سان قطري پرڏيهي وزير ۽ نائب وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے