20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | بدين: شهرين پاران سول اسپتال کي بند ڪرڻ خلاف احتجاج

بدين ۾ شهرين پاران سول اسپتال کي بند ڪرڻ تي شهري روڊن تي نڪري آيا.

اسپتال جي مک دروازي آڏو جمشيد، شجاعت ۽ صدام سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين انڊس اسپتال جي انتظاميه خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

شهرين جو چوڻ هو ته پراڻي اسپتال کي تالا ھڻي بند ڪري نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪا شهر کان 4 ڪلوميٽر پري آهي، اهڙو فيصلو ڪري بدين واسين سان ظلم ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته انڊس اسپتال جي انتظاميه ڪيل واعدن تي عمل آڻڻ بدران مرضي وارا فيصلا شھرين تي مڙھي مريضن کي علاج بدران کين رلايو وڃي ٿو.

سندن چوڻ هو ته پراڻي اسپتال جا سڀ شعبا نئين عمارت ۾ منتقل ٿيڻ سان شھرين کي وڏيون ڏکيايون ٿي رهيو آهن.

شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسپتال جا سڀ شعبا ترت بحال ڪري سرڪاري تحويل ۾ هلائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے