20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | ٽنڊو آدم: پوليس جي ڪارروائي، 9 ڄڻا گرفتار، منشيات هٿ

 ٽنڊي آدم ۾  پوليس  ڪارروائي ڪندي 9 ڄڻن کي گرفتار  ڪري شراب ، گٽڪو ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي .

سٽي پوليس جي  ايس ايڇ او غلام حسين پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس اٽالن شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي.

ڪارروائي دوران ڪچو شراب ، زهريلو گٽڪو۽ ڪرڪيٽ جي بڪي هلائڻ جي الزام  هيٺ 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو.

گرفتار ٿيلن ۾   منصور کوسو، ظفر کوسو، مظهر کوسو، شيدي بادشاهه، راشد مڪراڻي، غلام حسين شاهاڻي، رمضان راجپوت ،شنڪر ۽ ٻيا شامل آهن.

پوليس ٻڌايو ته جوابدارن وٽان 40 ليٽر ڪچو شراب، 8 سئو پڙيون زهريلو گٽڪو، ٻه ليپ ٽاپ ، ايل سي ڊي، 7 موبائل فون ۽ هزارين روپيه روڪ هٿ ڪيا آهن.

جوابدارن خلاف 5 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے