21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | جروار: ڀرسان 2 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي سان تذليل  مامري جو نئون رخ سامهون اچي ويو

جروار ڀرسان 2 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي سان تذليل  مامري جو نئون رخ، الزام هيٺ آيل ڌر به نوجوان سان بدفعلي جو الزام هڻي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ پيراڻو شر ۾ 2 ڏينهن اڳ بھاول شر سان  تذليل واقعي ۾ الزام هيٺ آيل ڌر به نوجوان سان بدفعلي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

بهاول سان تذليل جي الزام هيٺ آيل مقصود شر جي ماءُ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس پهچي الزام هنيو ته بهاول شر پاڻ سان تذليل وارو ڊرامو رچايو آهي، بهاول سندس پٽ سان تذليل ڪري اعتراض جوڳي وڊيو بڻائي آهي.

هن چيو ته جوابدارن سندن پٽ جي اعتراض جوڳي وڊيو ٺاهي 10 هزار رپين عيوض وڪرو ڪئي آهي.

الزام هيٺ آيل نوجوان جي ماءُ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.

ايس ايس پي گهوٽڪي ايس ايڇ او يارولنڊ مصطفي ميراڻي کي ٻنهي معاملن جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مصطفي ميراڻي ٻڌايو ته مقصود شر جي اعتراض جوڳي وڊيو بابت ڪا به ڄاڻ ناهي ۽ نه وري ان سلسلي ۾ ڪو فريادي ٿاڻي تي آيو آهي.

هن چيو ته بهاول شر تذليل واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ٻنهي معاملن جي جاچ ڪري انصاف ڪيو ويندو.

ٻي پاسي بهاول شر جروار پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته مٿس زيادتي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو الزام سراسر ڪوڙو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے