23 منگل , اکتوبر 2018

ڀارتي آرمي چيف جي ڀڀڪين تي سينيٽرن جو ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سينيٽرن ڀارتي آرمي چيف جي ڀڀڪين ۽ مودي حڪومت جي ڳالهين کان ڀَڄڻ واري عمل کي چونڊ سياست قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو ته ڀارت کي خطي ۾ ”پوليس مين“ بڻجڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم کي خط ۾ چيو ته اسان دهشتگردي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، ڪنهن کي علم ناهي ته ڀارت جو دهشتگردي تي ڇا موقف آهي؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه هڪ سپر پاور جي خوشامد لاءِ ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي پاليسي ۾ تبديلي جا اشارا نظر اچي رهيا آهن پر ايوان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. ن ليگ جي سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته حڪومت سفارتي ٻولي استعمال ڪري، دنيا کي ٻڌائي ته ڀارت ڳالهين کان انڪار ڇو پيو ڪري، ڀارت وٽ ڪشمير سرڪريڪ ۽ سياچن تي چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي، تنهن ڪري اهو ڳالهين کان لنوائي رهيو آهي. سينيٽر حاصل بزنجي چيو ته مودي پاڪستان سان ڪڏهن ڳالهيون نه ڪندو، تنهن ڪري ڀارت ۾ نئين حڪومت جو انتظار ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے