20 ہفتہ , اکتوبر 2018

سياسي پارٽين کان چونڊ خرچن تي پئسو اڏائيندڙن جا تفصيل طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سياسي پارٽين کي هڪ لک رپين کان وڌيڪ فنڊ جمع ڪرائيندڙن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. اي سي پي سياسي پارٽين کي 6 آڪٽوبر تائين تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سموريون سياسي پارٽيون ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ 60 ڏينهن اندر گوشوارا جمع ڪرائڻ جون پابند آهن. اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 211 تحت چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين کان تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 129 تان تحريڪ انصاف جي عبدالعليم خان چونڊن کان اڳ مهم تي 39 لک 84 هزار 5 سئو رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو هو، جيڪا ڪنهن به اميدوار طرفان خرچ ڪيل سڀ کان وڏي رقم آهي. چونڊ خرچن جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 109 تان پي ٽي آءِ جو ئي فيض الله ڪموڪا 35 لک رپيا خرچ ڪري ٻئي نمبر تي رهيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحو ڪيس: نواز شريف ۽ شهباز شريف کي طلب ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ نواز شريف ۽ شهباز شريف کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے