21 پیر , جنوری 2019

ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي ۽ لوڪل ٽرين جلد هلندي: سنڌ جو گورنر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي ۽ لوڪل ٽرين جلد هلندي. 16 آڪٽوبر تي ريلوي وارو وزير شيخ رشيد ڪراچي ۾ اعلان ڪندو. تفصيل موجب سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو دورو ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ صدر ڪراچي آيو آهي ان کي ڇڏي ڪراچي چيمبر آيو آهيان، سالڊ ويسٽ جو نظام ڪي ايم سي وٽ هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي پاليسي ناهي ته ايف آَءِ اي ڪنهن کي هراسان ڪري، سرڪلر ريلوي ۽ لوڪل ٽرين جلد هلندي شيخ رشيد ملاقات ۾ ٻڌايو. 16 آڪٽوبر تي شيخ رشيد ڪراچي ۾ ئي اعلان ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته فائر بريگيڊ لاءِ ٽينڊر ڪيا ويا آهن اِهو مسئلو به جلد حل ٿيندو، واپار مرڪزن ۾ باهه کان بچاءَ لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون، ناردرن باءِ پاس جو ٽينڊر ڪري ڇڏيو آهي، ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳايو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حب ۾ مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر ، ماڻهن جي مارجي وڃڻ جو خدشو

حب (ويب ڊيسڪ) بيلا ڪراس ويجهو مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے