18 پیر , فروری 2019

اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون

The ECP has set up teams for lower election monitoringاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون. سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي 35 تڪن ۾ ننڍي چونڊ 14 آڪٽوبر تي ٿي رهي آهي، جنهن جي مانيٽرنگ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان 27 ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي 12 آڪٽوبر کان سمورن تڪن ۾ وينديون. ذريعن موجب مانيٽرنگ ٽيمون پولنگ سامان ، عملي جي تربيت ۽ پولنگ واري ڏينهن سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو پڻ وٺندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته مانيٽرنگ ٽيمون رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم( آر ٽي ايس ) ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جو جائزو پڻ وٺنديون. مانيٽرنگ ٽيمون چونڊ نتيجا مرتب ڪرڻ  ۽ ڳڻپ واري عمل جو جائزو وٺنديون ۽ نتيجا مڪمل ٿيڻ تائين اُتي موجود رهنديون.  ياد رهي ته 2018 جي عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جو ٽرانسميشن سسٽم ( آر ٽي ايس) اچتو بند ٿي ويو هو جنهن جو اليڪشن ڪميشن پڻ اعتراف ڪيو ۽ ان کانپوءِ سياسي پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے