17 ہفتہ , نومبر 2018

حيدرآباد پبلڪ اسڪول جا استاد پگهار لاءِ سراپا احتجاج:ڳچي ۾ ماني ٻڌي مظاهرو

حيدرآباد (رپورٽ: اعجاز چانڊيو) حيدرآباد پبلڪ اسڪول جي مرد ۽ عورت استادن ۽ عملي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پاران پگهارون بند ڪرڻ، نوڪري مان ڪڍڻ وارين ڌمڪين ۽ هراسان ڪرڻ خلاف ڳچيءَ ۾ مانيون ٻڌي علامتي بک هڙتال ڪرڻ بعد حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سينيئر استادن پروفيسر شبير ميراڻي، پروفيسر موسيٰ ڪاظم، احمد عباس، ثروت قريشي، سراج الدين ابڙو، راحيلاشيخ، پروفيسر عبدالرحمان سيال، اشوڪ ڪمار، پروفيسر مسز احمد شاهه، عصمه سومرو، صائمه، عاليه امتياز ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي تاريخي درسگاهه پبلڪ اسڪول حيدرآباد کي سال 2001ع کان تباهه ڪرڻ شروع ڪيو ويو، فنڊن ۾ موجود 8 ڪروڙ رپين کي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪيو، هنن چيوته پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي فنڊن ۾ سدائين گهوٻيون لڳنديون رهيون آهن، پر پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي فنڊن جي جاچ لاءِ نيب اختيارين ڪڏهن به نوٽيس نه ورتو آهي، هنن چيو ته فنڊن ۾ گهوٻين سبب اسڪول جا حاضر سروس توڙي رٽائرڊ استاد پنهنجي پگهارن لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، حق لاءِ احتجاج ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ توڙي پگهارون بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن چيوته سيڪريٽري تعليم جي سربراهي ۾ اسڪول جي گورننگ باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ استادن کي نه گهرايو ويو، جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ حڪومت کي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن جي مستقبل سان ڪو به واسطو ناهي، هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي تاريخي تعليمي درسگاهه جي فنڊن ۾ گهوٻين جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياري. 17

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے