20 بدھ , فروری 2019

اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجن لاءِ آر ٽي ايس ۽ آر ايم ايس سسٽم فعال ڪري ڇڏيو

ECP makes RTS, RMS systems operational for by-election 2018اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ جي نتيجن لاءِ رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم( آر ٽي ايس) ۽ رزلٽ مئينجمنٽ سسٽم( آر ايم ايس) سسٽم فعال ڪري ڇڏيو. 25 جولائي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آر ٽي ايس سسٽم جو استعمال ڪيو ويو ۽ هڪ ڀيرو وري ان کي ننڍي چونڊ ۾ به استعمال ڪيو پيو وڃي. پريزائيڊنگ آفيسر چونڊ نتيجا آر ٽي ايس تي اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليندا جڏهن ته ريٽرننگ آفيسر آر ايم ايس ذريعي نتيجا موڪليندا. ٽينڪالوجي جي استعمال لاءِ 7 هزار 186 پولنگ اسٽيشن کي آر ٽي ايس سان ڪنيڪٽ ڪيو ويو آهي ۽ نادرا جي ٽيم پڻ اليڪشن ڪميشن ۾ موجود آهي. چونڊ نتيجا وٺڻ جو عمل شام 5 وڳي کانپوءِ فوري طور شروع ٿي ويندو ۽ نتيجا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. ياد رهي ته 25 جولائي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ آرٽي ايس سسٽم بند ٿي ويو هو جنهن سبب ن ليگ سميت ٻين پارٽين طرفان چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام سامهون آيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے