20 منگل , نومبر 2018

ڀارت جي جوهري هٿيارن ۾ واڌ خطي جي امن لاءِ خطرو آهي: شيرين مزاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته ڀارت جي ايٽمي هٿيارن ۾ واڌ خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، پاڪستان کي برابري جي بيناد تي نيوڪليئر سپلائر گروپ جي رڪنيت ملڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع عالمي ايٽمي عدم پکيڙن جو نظام، چيلينج ۽ رد عمل هو. شيرين مزاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت ۾ جوهري معاهدو خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي ڪري بڻيو، معاهدي سان ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جو توازن خراب آهي، ڀارت جي هٿيارن ۾ واڌ خطي جي امن لاءِ خطرو آهي. وفاقي وزير ڀارت جي جوهري هٿيارن جو هدف پاڪستان آهي اسان کي نيو ڪليئر سپلائر گروپ ۾ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پيو پوي.  پاڪستان کي برابري جي بيناد تي نيوڪليئر سپلائر گروپ جي رڪنيت ملڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بچاءَ واري وزير جي سينيٽ چيئرمين سان ملاقات، وزير اعظم جو پيغام پهچايو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے