18 جمعہ , جنوری 2019

ڪراچي ۾ پارڪنگ فراهم نه ڪندڙ شادي هالن کي بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مهمانن جي لاءِ پارڪنگ جي سهولت نه ڏيندڙ شادي هالن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب شادي هالن جيمالڪن ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ شادي جي تقريبن جي حوالي سان ضابطا اخلاق جي باري ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. شادي هالن جي مالڪن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته شادي هالن ۾ تقريبون هر صورت رات 12 وڳي ختم ڪيون وڃن، شادي هالن ۾ جاري تقريبن دوران لائٽون رات ساڍي 11 وڳي بند ۽ تقريب ختم ڪرڻ جا اعلان شروع ڪيا وڃن. پوليس ۽ شادي لان مالڪن جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته آتشبازي، ڦٽاڪن، فائر ڪريڪرز يا هوائي فائرنگ جي پابندي کي يقيني بڻايو ويندو جڏهن ته هر شادي لان جي ضروري حصن کي سي سي ٽي وي ڪيميرائن جي مدد مان مانيٽر ڪيو ويندو ۽ ان ضم ۾ ڪيميرا لڳائڻ جو ڪم فوري طور تي شروع ڪيو ويندو. شادي هالن ۾ تقريبن دوران ٻاهران ٽريفڪ جام جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ ايس ايس پي ٽريفڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽيون بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي هر ضلعي جي ڪميٽي ۾ ايس ايس پي ٽريفڪ کان سواءِ ايس ايڇ او، ايس او ٽريفڪ ۽ شادي هالن جي مالڪن جا نمائندا شامل ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم طرفان شهرين جا مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪوتاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے