13 منگل , نومبر 2018

قطر جو ملازمت جي خواهشمندن لاءِ پاڪستان ۾ ويزا سينٽر کولڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قطر جي حڪومت ملازمت جي خواهشمند لاءِ پاڪستان ۾ ويزا مرڪز کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. قطر جي حڪومت 8 ملڪن ۾ ويزا مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيئن انهن ملڪن جي شهرين جي لاءِ قطر جي سفر کي وڌ کان وڌ آسان بڻائي سگهجي. قطر ويزا مرڪز جي ذريعي پاڪستاني هنرمندن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سفري اجازت نامو حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون ختم ڪيون وينديون. قطر ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 1 لک 15 هزار پاڪستاني محنت ڪش ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اُتي روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ سان ان انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے