22 پیر , اپریل 2019

پاڪستاني فورسز مغوي ايراني گارڊن جي ڳولا لاءِ محترڪ آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ايراني گارڊن جي ڳولا لاءِ متحرڪ آهن ۽ پاڪ ايران ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ هاٽ لائن تي رابطا موجود آهن. پرڏيهي کاتي طرفان جاري ٿيل بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايراني هم منصب  جواد ظريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ايراني پرڏيهي وزي پاڪ ايران سرحد ڀرسان 12 ايراني سيڪيورٽي گارڊن جي گم ٿيڻ وارو معاملو اٿاريو جڏهن ته گارڊن جي اغوا بعد صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مغوي ايراني گارڊن جي ڳولا لاءِ متحرڪ آهن ۽ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئون ديرو ڀٽو هائوس تي ڇاپو، آصف زرداري جو ويجهو ساٿي گرفتار

نئون ديرو(ويب ڊيسڪ) نيب جي گڏيل جاچ ٽيم ڀٽو هائوس ۾ ڇاپي دوران اڳوڻي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے