20 منگل , نومبر 2018

وزير اعظم جي ويجهي ساٿي صاحبزادي جهانگير جو خاص مددگار وارو عهدو وٺڻ کان معذرت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران سان جي ويجهي ساٿي صاحبزادي عامر جهانگير خاص مددگار جو عهدو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. صاحبزادي جهانگير جي خاص مددگار طور مقرري جو نوٽيفڪيشن 15 آڪٽوبر تي جاري ڪيو ويو هو. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي صاحبزادي جهانگير تي بدعنواني ۽ بينڪ ڊيفالٽر جي الزام لڳايا ويا هئا. سوشل ميڊيا تي صاحبزادي جهانگير تي برطانيا ۾ ٽي ڪمپنين جي ڊيفالٽر ۽ بدعنواني جي الزامن جا چرچا آهن.  مون کي پرڏيهي سيڙپڪ بابت خاص مددگار  مقرر ڪرڻ منهن جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، صاحبزادي جهانگير سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مون تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا ويا، منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي وئي جيڪا منهنجي ڪارڪردگي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته وزير اعظم جي لاءِ ڪو به مسئلو پيدا نٿو ڪرڻ چاهيان، ذاتي حيثيت ۾ ملڪ جي لاءِ سيڙپ آڻڻ جو ڪم جاري رکندس. وزير اعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار نعيم الحق به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته صاحبزادي جهانگير خاص مددگار جو عهدو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. نعيم الحق چيو ته صاحبزادي جهانگير سوشل ميڊيا تي پنهنجي خلاف هلندڙ مهم تي عهدو وٺڻ کان معذرت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے