21 بدھ , نومبر 2018

نيب قانون جي ترميم نه ڪرڻ غلطي هئي: محمد زبير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته اِها ته سڀني کي خبر آهي ته نيب جو طريقيڪار درست ناهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته نيب قانون ۾ ترميم ڪري نيب کي درست ڪرڻ جي ڪوش ڪئي وئي تڏهن ن ليگ ڇو پيپلز پارٽي جو ساٿ نه ڏنو. قمر زمان ڪائره چيو ته شهباز شريف تي جيڪي الزام آهن انهن تي اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي پر جنهن انداز سان ائين ٿي رهيو آي اُهو غلط آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محمد زبير قبول ڪيو ته نيب قانون ۾ ترميم نه ڪرڻ ن ليگ جي غلطي هئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي پاليسي جي حوالي سان محمد زبير چيو ته جڏهن حڪومت مني لانڊرنگ جي خاتمي مان 10 عرب بچائي رهي آهي ته آءِ ايم ايف کان ٽي ارب ڇو ورتا. شبلي فراز جو چوڻ هو ته شهباز شريف تي به اهڙا الزام هئا ۽ نيب کيس گرفتار ڪيو. هن چيو ته ان ۾ حڪومت جو ڪو به عمل دخل ناهي ۽ جڏهن به پاڪستان جيتاريخ ۾ ڪنهن سياستدان جو احتساب ڪيو ويو ته ان کي سياسي انتقام جو نالو ڏنو ويو. هن چيو ته جيڪي غلطيون گذريل حڪومت جي پاليسين ۾ ٿيون انهن کي درست به ته تحريڪ انصاف کي ڪرڻو آهي. آفتاب جهانگير جو چوڻ هو ته قبضا گروپن ۾ سندس ڪو به ايم اين اي ملوث ناهي ۽ جيڪڏهن ڪير اِهو چوي ٿو ته ائين الزام آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے