11 منگل , دسمبر 2018

نيوز: بدين: جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم جو آپريشن، 3 شڪاري گرفتار

 *بدين ۾ جهنگلي جيوت کاتي جي گيم ٽيم آپريشن ڪري ناياب پکين جو شڪار ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري پکي هٿ ڪيا آهن.

گيم ٽيم جي انسپيڪٽر اعجاز، علي محمد ۽ ٻين ساحلي پٽي جي علائقن ۾ آپريشن ڪري ناياب نسل جي پکين جو شڪار ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري پکي هٿ ڪيا.

جهنگلي جيوت کاتي جي ڊويزنل انچارج انسپيڪٽر اعجاز نونڌاڻي جو چوڻ هو ته ٻاهرين علائقن کان ايندڙ پکي سندن علائقن جا مهمان آهن، سندن نسلي ڪشي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جا وٽن اختيار آهن.

هن چيو ته ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٽي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جهنگلي جيوت کاتي جي قانون تحت ڪارروايون جاري آهن.

سندس چوڻ هو ته عوام سهڪار ڪري ته جيئن اطلاع ذريعي شڪارين خلاف ڪارروائي ڪري ناياب پکين جي نسلي ڪشي روڪي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے