21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڪورنگي: جسقم آريسر پاران تقريب ڪوٺائي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

*ڪورنگي ۾ تقريب ڪوٺائي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو.

چڪرا ڳوٺ  جي سرڪاري گرلز ايليمنٽري اسڪول ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر  پاران ڪوٺايل تقريب ۾ جسقم آريسر ضلعي اوڀر جي صدر اختيار علي چانڍيو ، لطيف ميمڻ ۽ سارنگ جويي سميت مختلف تنظمين جي سياسي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني.

تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جيڪي  قومون پنھنجن شھيدن کي وسارينديون آھن، تن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي، سنڌ ھزارين سالن کان وطن آھي، سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي تاريخ پڙهڻ گهرجي.

هنن چيو ته اڄوڪي تاريخ تي جشن لطيف ملهائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ويندڙ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، اڄ کين هو سلام پيش ڪن ٿا.

سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ اڄ به ڪيترن ئي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، ڪيترائي قومي ڪارڪنن گم آهن، اهڙن ڪِريل حربن سان قومي تحريڪ ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.

اڳواڻن چيو ته شھيد قومن جا سرمايو ھوندا آھن، ڪارڪن مايوس ٿيڻ بدران پنهنجي جدوجهد جاري رکن ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي مالڪي ڪري کين روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪردار نڀائين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے