15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: اوٻاوڙو: رينجرز ڪارروائي، 8 افغاني گرفتار

*اوٻاوڙي ڀرسان رينجرز ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور ڪراچي ويندڙ 8 افغاني گرفتار ڪري موبائيل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي آهي.

سنڌ-پنجاب سرحد ڪمون شهيد چيڪ پوسٽ تي رينجرز پشاور کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جي تلاشي ورتي، جنهن دوران غير قانوني طور ڪراچي ويندڙ 8 افغاني گرفتار ڪري ست موبائيل فون ۽ 8 هزار رپين کان وڌيڪ روڪ رقم هٿ ڪئي.

گرفتار افغانين ۾ صالح محمد، نياز محمد، سميع الله، قنديل حق ۽ شير محمد سميت 8 ڄڻا شامل آهن.

رينجرز وڌيڪ جاچ لاءِ گرفتار افغانين کي اوٻاوڙي پوليس حوالي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے