17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ڊگهڙي: پوليس نشي وارين سوپارين جا ڪَٽا هٿ ڪري جوابدار کي ڪري ورتو

*ڊگهڙي ۾ پوليس ڇاپو هڻي هڪ جوابدار گرفتار ڪري نشي وارين سوپارين جا ڪَٽا هٿ ڪري ورتا آهن.

مير جان محمد ڪالوني ڀرسان ڳجهي اطلاع تي پوليس ميرپورخاص کان ايندڙ ڪار تي ڇاپو هنيو، پوليس هڪ جوابدار مجاهد کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته 2 ڄڻا فرار ٿي ويا.

پوليس مهراڻ ڪار مان سفينا گٽڪي جا 9 ڪٽا هٿ ڪري جوابدار کي لاڪپ ڪيو، گٽڪي جي ماليت لڳ ڀڳ چار لک ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس موجب ٽنهي جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڏھرڪي: لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، چئن  عورتن سميت  3 مرد زخمي

ڏھرڪي ويجهو  يو سي داد لغاري ۾ پاڻي جي معاملي تان لغاري برادري جي ٻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے