15 جمعرات , نومبر 2018

اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي جي ايڇ ڪيو کان رپورٽ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ جي ايڇ ڪيو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اسلام آباد ۾ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار اسد دراني چيو ته 26 ۽ 27 نومبر کي ڪانفرنس تي وڃڻو آهي تنهن ڪري سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي. هاءِ ڪورٽ اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ جا سبب معلوم ڪندي جي ايڇ ڪيو جي انڪوائري رپورٽ ۽ گهرو وزارت کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. جج چيو ته جي ايڇ ڪيو جي جاچ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. بچاءَ واري وزارت جي نمائندگي برگيڊيئر فلڪ ناز چيو ته اسد دراني ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي اڳوڻي چيف سان گڏجي ڪتاب لکيو آهي، اسد دراني ڊي جي ملٽري انٽيلجينس ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ رهيو آهي، جي ايڇ ڪيو ۾ مٿس جاچ هلي رهي آهي. عدالت پڇا ڪئي ته انڪوائري ڪڏهن مڪمل ٿيندي ته بچاءَ واري وزارت جي نمائندي لاعلمي جو اظهار ڪيو. فلڪ ناز چيو ته  سياستدانن ۾ پئسا ورهائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي 2012ع جي فيصلي تي به انڪوائري ٿي رهي آهي. اسد دراني جي وڪيل چيو ته اسان کي انڪوائري بابت ڪو به نوٽيس نه موڪليو ويو آهي، هڪ دفعو جي ايڇ ڪيو ۾ چانهن لاءِ گهرايو ويو جتي رڳو ڳالهيون ڪيون ويون، ايئر مارشل اصغر خان ڪيس ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ اسلم بيگ جو نالو به اي سي ايل تي نه وڌو ويو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جيستائين جاچ رپورٽ ۽ گهرو وزارت جو جواب نه ٿو اچي ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے