21 بدھ , نومبر 2018

مسلم ليگ ن جي 6 ايم پي ايز جي پنجاب اسيمبليءَ ۾ داخلا تي پابندي، احتجاج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن پاران 6 ميمبرن جي ايوان ۾ داخلا تي پابندي خلاف پنجاب اسيمبلي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. 16 آڪٽوبر تي بجيٽ اجلاس دوران ايوان ۾ بدنظمي کانپوءِ اسپيڪر مسلم ليگ ن جي 6 ميمبرن جي هڪ ڏينهن لاءِ ايوان ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پابندي مڙهيل ميمبرن ۾ محمد اشرف رسول، محمد وحيد، ياسين عامر، مرزا جاويد، زيب النساءَ ۽ طارق مسيح شامل آهن. پابندي جو شڪار 6 ميمبرن جون تصويرون به اسيمبلي جي سڪيورٽي اسٽاف کي جاري رکيون ويون آهن ۽ سرڪلر ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ ن جا ڄاڻايل 6 ميمبر ايوان ۾ نه اچي سگهندا.  پنجاب ۾ ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ بجيٽ تي بحث جي شروعات دوران مسلم ليگ ن ايوان ۾ نه وڃڻ جو فيصلو ڪندي اسيمبلي جي ڏاڪڻين تي احتجاج ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے