21 پیر , جنوری 2019

پاڪستان ايف اي ٽي ايف کي مني لانڊرنگ خلاف سخت ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان  مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد جي روڪٿام لاءِ مقرر ڪيل عالمي معيار تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وزير اسد عمر سان ايف اي ٽي ايف جي ايشيا پيسفڪ گروپ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ايشيا پيسفڪ گروپ جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري گورڊن هڪ ڪئي. وفد ناڻي واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي مقصدن ۽ پنهنجي ترسڻ دوران مختلف اسٽيڪل هولڊرن سان ٿيل ملاقات بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد جي روڪٿام لاءِ مقرر ڪيل عالمي معيار تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي، ان حوالي سان ايشيا پيسفڪ گروپ ۽ ايف اي ٽي ايف سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو عزم آهي. هن چيو ته پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپال ۾ جهنگلي هاٿي عورت کي ماري وڌو

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ هڪ هاٿي عورت کي سندس گهر سامهون ئي ماري ڇڏيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے