20 منگل , نومبر 2018

پاڪستان جو وڏو مسئلو 15 سئو ارب  قرضن جي ادائيگي ۾ وڃڻ آهي: عشرت حسين

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي ادارن جي سڌارن ۽ بچت بابت صلاحڪار عشرت حسين چيو آهي ته پاڪستان جو وڏو مسئلو 15 سئو ارب ارب رپيه قرضن جي ادائيگي ۾ وڃڻ آهي، ملڪ جي دفاعي خرچن تي تمام گهڻي رقم خرچ نه ٿيندي آهي، رڳو جي ڊي پي جو 3 سيڪڙو استعمال ٿيندو آهي.  واشنگٽن ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عشرت حسين چيو ته پاڪستان 45 سئو ارب رپين جي جيڪا ڪل رقم جمع ڪندو آهي تنهن مان 15 سئو ارب رپين قرض لاهڻ ۾ هليا ويندا آهن. هن چيو ته نئين حڪومت اچڻ تي پاڪستان جي برآمد ختم ٿي چڪي هئي، اميد آهي ته هلندڙ سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيندو. سندس چوڻ هو ته رپئي جي ملهه ۾ واڌ ٿي ته درآمد به گهٽ ٿي ويندي. عشرت حسين چيو ته اسان جو فنانسنگ گيپ وڌيڪ آهي تنهن ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ قومي مفاد کي سامهون رکيو ويندو، عالمي بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان به مدد ورتي ويندي. عشرت حسين چيو ته  پاڪستان ۾ 35 لک ماڻهن مان 12 لک ئي ٽيڪس ادا ڪن ٿا، اسان کي ٽيڪس ٽو  جي ڊي پي جو تناسب وڌائڻو پوندو. هن چيو ته اسان وٽ ٽيڪس باقيدارن خلاف ڪارروائي جو اختيار هئڻ گهرجي، جيڪڏهن 20 لک ماڻهو به ٽيڪس ادا ڪرڻ لڳن ته شرح بهتر ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے