17 ہفتہ , نومبر 2018

خواجه آصف نااهلي ڪيس: غلطي سان اڪائونٽ ظاهر نه ڪرڻ بدنيتي ناهي: سپريم ڪورٽ

It is not good to sell loyalty and conscience to the country: Khawaja Asifاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خواجه آصف نااهلي ڪيس جو 21 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  خواجه آصف جي نامزدگي ڪاغذن ۾ اڪائونٽ ظاهر نه ڪرڻ  غلطي آهي بد نيتي ناهي. خواجه آصف نااهلي ڪيس جو فيصلو جسٽس فيصل عرب لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مفادن جي ٽڪراءَ جو ڪيس نه ٿو ٺهي، خواجه آصف تي ناجائز طريقي سان اثاثا ٺاهڻ جو الزام ثابت نه ٿي سگهيو آهي، خواجه آصف جي نااهلي دبئي اڪائونٽس ۾ پيل 5 هزار درهم تي گهري وئي، الزام هنيو ويو ته خواجه آصف نامزدگي ڪاغذن ۾ يو اي اي جو اڪائونٽ لڪايو آهي.  فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته خواجه آصف دبئي جو اڪائونٽ 2015ع جي گوشوارن ۾ ظاهر ڪيو، رڪارڊ موجب خواجه آصف دبئي جو اڪائونٽ 2010ع ۾ کوليو جيڪو 2015ع ۾ بند ٿي ويو، بئنڪ اڪائونٽ کولڻ کان بند ٿيڻ تائين ان ۾ ڪابه ٽرانزيڪشن نه ٿي آهي، خواجه آصف جي نامزدگي ڪاغذن ۾ اڪائونٽ ظاهر نه ڪرڻ غلطي آهي بد نيتي ناهي، معمولي اڪائونٽ ظاهر نه ڪرڻ جي غلطي تي خواجه آصف کي بي ايمان قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اثاثا ظاهر ڪرڻ بابت قانون جي اهميت به بيان ڪئي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اثاثن بابت قانونسازي جو مقصد عوام کي اميدوار جي اثاثن جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ غير قانوني طريقي سان اثاثا ٺاهيندڙن جو حوصلو ٽوڙڻ آهي، اثاثن جي درست ڄاڻ نه ڏيڻ اميدوار جي نيت کي ظاهر ڪري ٿو، اثاثا ظاهر ٿيڻ بابت نااهلي جي درخواست تي وقت جي پابندي نه ٿي لڳائي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے