21 بدھ , نومبر 2018

وزيراعظم 23 آڪٽوبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 23 آڪٽوبر تي رياض پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب سعودي عرب ۾ 23 آڪٽوبر کان مستقبل جي سيڙپڪاري قدمن تي 3 ڏينهن جي ڪانفرنس شروع ٿيندي جنهن ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم عمران خان 23 آڪٽوبر تي رياض پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم کي دوري جي دعوت شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڏني آهي، ڪانفرنس ۾ عمران خان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي موقعن تي ڳالهائيندو جڏهن ته پنهنجي ايندڙ پنجن سالن جي ويزن کان دنيا کي آگاهه ڪندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته دوري دوران وزيراعظم عمران خان شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان به ملاقات ڪندو جڏهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندو. ترجمان موجب سعودي عرب ۾ ٿيل سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ 90 ملڪن کان 3800 نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے