17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز:بوزداروڏا: رولو ڪتن جو آزار ، رولو ڪتن  50 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو

*بوزداروڏا ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي ، رولوڪتن لڳ ڀڳ 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو آهي .

اسپتال ۾ ويڪسين اڻلڀ هجڻ ڪري ماڻهن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٽالپروڏا ، ننگريجا ،بگودڙو ،نور بوزدار، مٽ تلي، ڌٻي،  ٻٻر وڏا ۽ ٻين شھرن توڙي ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي آھي

رولو ڪتا ٽولن جي صورت ۾ گهٽين، رستن ،چوراهن، بازارن، روڊن تي بيٺل نظر ايندا آھن.

 بوزداروڏا شھر سميت مختلف ڳوٺن ۾ گذريل ڪجھه عرصي دوران رولو ڪتن 50 کان وڌيڪ مردن عورتن ۽ معصوم ٻارن کي ڏاهڙھي زخمي ڪري ڇڏيو.

ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين ۾ تبسم گل، نجف علي، ناياب گل، مومل، وقارعلي، ۽ ٻيا شامل آھن

بوزداروڏا ۽   ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ ڪتن جي ڏاڙھيل مريضن کي لڳندڙ ويڪسين پڻ  اڻ لڀ آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے