15 جمعرات , نومبر 2018

سنڌ سرڪار پاران لکت امتحان کانسواءِ ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار انٽرويو جي بنياد تي ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب هڪ بيان ۾ چيو ته  لکت امتحان کانسواءِ  صوبي ۾ ڏيڍ هزار کان وڌيڪ ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪيو ويندو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي امتحان وٺڻ ڊگهو مرحلو آهي تنهن ڪري وقت بچائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اهڙو فيصلو سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي نظر ۾رکندي ڪيو ويو آهي، سنڌ ڪابينا ان حوالي سان فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي، شروعاتي طور تي ماهر ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن کي ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي تعليمي سند جي جاچ پڙتال جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويندو. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن کي بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو، ڊاڪٽرن جي ڀرتي فوري طور تي شروع ڪئي ويندي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير ان سلسلي ۾ صحت کاتي به هدايتون جاري ڪيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے