18 جمعہ , جنوری 2019

اعليٰ عدليه ۽ چيف جسٽس مخالف بيان ڪيس: فيصل رضا عابدي جو وڌيڪ 14 ڏينهن رمانڊ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت اعليٰ عدليه ۽ چيف جسٽس مخالف بيانن جي ڪيس ۾ اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ايف آءِ اي پ پ جي اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي اعليٰ عدليه ۽ چيف جسٽس مخالف بيانن جي ڪيس ۾ سينئر سول جج عامر عزيز جي روبرو پيش ڪيو. ايف آءِ اي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي،  عدالت کي درخواست آهي ته جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. جوابدار جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي، اصيل بيمار آهي، اسپتال موڪليو وڃي. سينئر سول جج عامر عزيز فيصل رضا عابدي کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشهور اداڪار گلاب چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ اردو ۽ سنڌي ڊرامن جي حوالي سان شهرت رکندڙ نامور اداڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے