17 ہفتہ , نومبر 2018

محمد عباس پنهنجي ڪاميابي ڌيءَ جي نالي ڪري ڇڏي

Mohammad Abbas named his successor

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ڪينگروز خلاف ٽيسٽ ۾ تباهي مچائيندڙ بالر محمد عباس پنهنجي ڪاميابي ڌيءَ جي نالي ڪري ڇڏي. قومي ٽيم جي ميڊيم فاسٽ بالر محمد عباس ابوظهبي ٽيسٽ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي آسٽريلوي بيٽنگ لائين کي مڪمل طور تي تباهه ڪندي 10 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون. محمد عباس کي شاندر ڪاڪردگي تي مين آف دي مئچ ۽ مين آف دي سريز قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي محمد عباس چيو ته ان ڪاميابي تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريان ٿو، هي تمام گهڻي خوشي جو ڏينهن آهي.  قومي ڪرڪيٽر چيو ته ڪالهه منهنجي نياڻي جي سالگرهه هئي ۽ پنهنجي اها ڪاميابي ڌيءَ جي نالي ڪريان ٿو. محمد عباس جو چوڻ هو ته پچ جهڙي به هجي، منهنجو ڪم لائين ۾ بالنگ ڪرڻ آهي، ڪوچ اظهر محمود سان ميٽنگ ۽ مخالف ٽيم جون ويڪ پوائنٽ جو جائزو ورتو. ان تي بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪاميابي ملي. هن چيو ته اها ڪاميابي سندس لاءِ وڏي عزت جي ڳالهه آهي، ٽيسٽ ۾ 10 وڪيٽن حاصل ڪرڻ پهريون تجربو آهي، ڪوشش هئي ته اهو ڪم انگلينڊ ۾ ڪريان پر نه ڪري سگهيس پر جلد کان جلد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ميڊيم فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته محنت ڪري رهيو آهيان جڏهن به ون ڊي ۾ ٽيم کي ضرورت پئي ۽ مئنجمنٽ سڏايو ته حاضر هوندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: غوثپور:ٽانوري برادري پاران ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ٽانوري برادري جي ماڻهن   صلاح،  نظام الدين ٽانوري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے