21 بدھ , نومبر 2018

نيب مون تي ڪيس ڪري پڇتائيندي: خورشيد شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نيب مون تي ڪيس ڪري پڇتائيندي ۽ نيب جي پت وائکي ٿي ويندي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته آئون کليل ڪتاب آهيان، منهنجي سياست ۽ منهنجن لاڳاپن کي ڏسي هو سمجهن ٿا ته آئون امير آهيان، 30 سالن کان کٽي رهيو آهيان آئون واقعي ۾ امير آهيان. هن چيو ته 2007ع ۾ منهنجي خلاف ماڻهو احتساب عدالت ۾ ويا پر عدالت مون کي ڪليئر قرار ڏنو، نيب مون تي ڪيس ڪري پڇتائيندي ڇو ته نيب جي پت وائکي ٿي ويندي، مون کي ڪنهن جو ڊپ ناهي رڳو الله جو ڊپ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے