21 پیر , جنوری 2019

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو عملدارن خلاف احتجاج ڪري روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو.

مير محمد ، خادم ، غلام مرتضي دل ۽ خميسي لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن  ٽنڊو الھيار- چمبڙ روڊ  کي بلاڪ  ڪري ٽائرن کي باهه ڏني.

ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته واپڊا وارن گذريل 15 ڏينھن کان سندن  ڳوٺ جي بجلي بنا جواز ڪاٽي آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن الزام مڙهيندي چيو ته ايس ڊي او حيسڪو شجاعت لنڊ بجلي بحالي لاءِ ڳري رشوت گھري رھيو آھي.

ڳوٺاڻن حيسڪو چيف ۽ ٻين  اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ڳوٺ جي بجلي بحال ڪري حيسڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري سندن بي چيني ختم ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو

خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے